اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ع??ب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ع??ب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گڏيل ع??ب امارات جي 51 هين قومي ڏينهن تي مب??رڪ??اد ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ع??م کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ع??ب امارات جي باني صدر، شيخ زيد بن سلطان النهيان جي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو. شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان جو باقاعده دورو ڪندو هو ۽ پاڪستان ۾ سماجي شعبي ۾ مختلف فلاحي منصوبن جي مالي معاونت پڻ ڪندو هو، شيخ زيد اسپتال پاڪستان جي لاءِ ان جي خدم??ن جو بهترين مٿال آهي، ان جو ان جي فلاحي ڪمن جي لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي ۽ امدادي ش??ن جي صورت ۾ امداد تي گڏيل ع??ب امارات جي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. گڏيل ع??ب امارات جي صدر وزيراعظم پاران مب??رڪ??اد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي ش??خ محمد بن زيد النهيان قبول ڪري ورتو. پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل ع??ب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.