اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چين جي حصيداري سان تعمير ٿيندڙ ڪراچي نيو ڪلئير پاور پل??نٽ (KANUPP) جي ٽئين يونٽ (K 3) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. ان منصوبي جي آغاز سان ڪراچي ۾ نيو ڪليئر پاور پل??نٽ سان بجلي ج?? مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظمK 3 پاور پل??نٽ جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪندو ۽ ٻوٽو لڳائيندو. ان موقع تي وزيراعظم تقريب کي خطاب به ڪندو.