اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊ??ن نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏي??هن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪيا ج??هن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته ا??هن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعت??اد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي وڃي ته فتح جو جشن ۽ هارائي وڃي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو ۽ الزام. عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊ??ن نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وڏي ڪاميابي آهي ج??هن جو عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي ووٽ سان عدالت تي ??ٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ضرورت نه.