اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين ??ي سفارتخاني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ملڪن جي نوجوانن جي خلائي سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي شعبي ۾ افهام ۽ تفهيم کي وڌائڻ، ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عملي ۽ دوستاڻي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تائيڪوناٽس آف شنزو 15 جي حوالي سان هڪ تقريب م??عقد ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان مُوجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني شنگهائي تعاون تنظيم جي فرينڊشپ ۽ تعاون ڪميشن (جي اين ??يف سي سي)، چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي، آل چائنا يوٿ فيڊريشن، چائنا سونگ چنگ لنگ فائونڊيشن ۽ ايس سي او يوٿ ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ جي تقريب جي گڏيل ميزبا??ي ڪئي. تقريب ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين ??اهد محمود بيگ، انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ ڊپلوميٽڪ اسٽڊيز جي باني آصف فرحت، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنا??اج?? اسلام آباد جي ميمبرن ۽ مختلف اسڪولن جي پاڪستاني شاگردن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي عليزه جميل چيني خلاباز کان خلا ۾ ساهه کڻڻ جو طريقو پڇيو ته خلاباز ان جو جامع طريقي سان جواب ڏنو. تائيڪوناٽس آف شنزو 15 يونٽ نوجوانن جي افق کي وسيع ڪرڻ ۽ پراسرار ۽ متنوع ڪائنات جي ڳولا بابت انهن جي خوابن کي روشن ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. نوجوان پاڪ چين ??وستي جا نوجوان سفير ۽ ٻنهي ملڪن جي اميد آهن، اهو رشتو نسل درنسل منتقل ٿيڻ گهرجي. هلندڙ سال بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پراجيڪٽ ۽ سي پيڪ جي ڏهين ??الگرهه آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? ۾ تعاون ان جو هڪ اهم حصو آهي ۽ يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي شعبي ۾ تعاون ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن ۾ پاڪستان دوائن جي ٻجن جو چيني خلائي اسٽيشن تان تجربن کانپوءِ واپسي پڻ شامل آهي. چين ??ي ترقي ۽ چيني جديديت پاڪستان ۽ دنيا جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪندي.