اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانيا جي وقتي ??اءِ ڪمشنر اينڊريو ڊگ ليش ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سوشل ۽ آن لائين ميڊيا تي ??فرت انگيز ۽ دهشتگردي جي روين بابت مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن ڊيجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفن سفارتي ??اڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي تي ??قتي ??اءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي عوام کي مبارڪباد ??ني. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برطانيا جو تازو دورو ۽ ڪنگ چارلس ٽي جي تاج پوشي ۾ شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي ??ڌل دوستي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ فلم سازي ۽ ميڊيا ٽريننگ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقاف?? ۽ ??ثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم، گورننس ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ برطانوي حڪومت جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي ??را??مي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ??يندي. ان موقعي تي برطانيا جي وقتي ??اءِ ڪمشنر پاڪستان جي موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين سميت اطلاعات جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيو. هن ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جا 7 درجا بهتر ٿيڻ تي خوش آئنده قرار ڏنو. اطلاعات واري وزير کي مبارڪباد ??ني. برطانيا جي وقتي ??اءِ ڪمشنر پاڪستان جي اقتصادي بحران کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ نيڪ خواهشن ۽ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.