اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پر??يه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پر??يه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان باڪو ۾ آذربائيجان جي نائب پر??يه?? وزير النور ممدوف سان پاڪستان آذربائيجان ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پر??يه?? سيڪريٽري آذربائيجان جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪند??. ڊ??ڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پر??يه?? وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا شروعات بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.