اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن ۽ عراق جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پرڏيه?? وزير دوري جي پهرين مرحلي ۾ اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي شاهي خاندان ۾ شادي جي هڪ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ويندو. پرڏيه?? وزير 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. دوري دوران پرڏيه?? وزير عراقي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ پنهنجي هم منصب سان تفصيلي ملاقات ڪندو. دوري دوران اهم معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون. پرڏيه?? وزير اهو دورو عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي ڪري رهيو آهي.