پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي ??نهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي ??چ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي ??و جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ??ان??رنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پاڪس??ان?? حڪومت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر الجاس?? جا ٿورا مڃيا. هن ??ان??رنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ساراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ان جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم ڊاڪٽر الجاسر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي صحيح رخن تي قائم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي ??وڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.