مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي مع??مل?? واري وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم س?? او) قائم ڪري ڇڏي آه??. مذهبي مع??مل?? واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آه??. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آه?? ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آه??. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آه??. انهن سهولتن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻ??ئڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مذهبي مع??مل?? واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.