اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي، پارليامينٽ جي فورم تان دنيا کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي احترام جو پيغام ڏنو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف به پارليامينٽ کي خطاب ڪندو، قومي احساسن جي ترجماني ڪندي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندو. جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قرآن تقدس ڏهاڙو ملهايو ويندو. سوئيڊن و??قعي تي ملڪ گير احتجاج ۽ ريليون نڪرنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم سمورين پارٽين ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. وفاق?? وزير چيو ته ”آئون مذمت ڪريان ٿو“ مهم به شروع ڪئي وئي آهي، قوم خاص طور تي نوجوان ان ۾ ڀ??پو?? حصو وٺن ۽ قرآن تقدس ڏهاڙي کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائين.