اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جو استحڪام ۽ پائيدار اؤسر اسا?? جي نظر ۾ آهي، ڪوشش آهي ته معيشت جي بحالي ٿئي جنهن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، ڍانچه جاتي سڌار?? جي پروگرام دوران سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ مالياتي شموليت تي توجهه ڏني ويندي. نومبر ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو هوندو، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي نئين قسط ملي ويندي. عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به مختلف منصوبن لاءِ معاونت ملندي. جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊالر?? جي معاونت ملندي. هن اها ڳالهه سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ۽ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمدعلي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به ان موقعي تي موجود هو. ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته نگران حڪومت هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻ جو اصول بڻايو آهي، اسان هڪ ٽيم طور جامع ۽ مؤثر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، معاشي اهميت وارا ادارا ملي ڪم ڪندا. اي سي سي سميت ڪابينه جي سمورين ڪميٽين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪل?? معيشت جو استحڪام پائيدار اؤسر اسا?? جي نظر ۾ آهي ان مقصد لاءِ معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي، اسا?? جي ڪوشش آهي ته معيشت جي بحالي ٿئي جنهن لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڍانچه جاتي سڌار?? جي پروگرام دوران سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ مالياتي شموليت تي توجهه ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ راست پروگرام کي جامع ۽ مؤثر انداز ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي، خساري ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن (ايس او ايز) جو ذڪر ڪندي هن چيو ته نقصان ۾ ويندڙ ادارن جو قومي خزاني تي بار پئجي رهيو آهي، ان ادار?? جي حوالي سان پاليسي تيار ٿي رهي آهي ان سلسلي ۾ هڪ مرڪزي مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو ويندو جيڪو ادارن بابت معامل?? جي نگراني ڪندي. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادارن ۾ ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن ان جو فائديمند نجڪاريءَ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادار?? جي قرضن جو بار بئنڪنگ جي نظام تي آهي، ان بار کي ڪيپيٽل مارڪيٽ سان به منسلڪ ڪيو پيو وڃي. اسا?? جي ڪوشش هوندي ته حڪومتي سيڪيورٽيز کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فلوٽ ڪيو وڃي ان سان عام ماڻهو به حڪومتي سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاري جي حامل ٿي ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته آمدني پيداوار کولڻ يا پابنديون هٽائڻ صنعتن لاءِ ضروري آهي ان سان گڏ صنعتون هلنديون. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ گهٽتائي سان مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ آهي پر اسان عالمي بئنڪ، ايشياتي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين گهڻ رُخي ادارن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. نومبر ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو هوندو جنهن کانپوءِ پاڪستان کي نئين قسط ملي ويندي ان کان علاوه عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به مختلف منصوبن لاءِ معاونت ملندي، ان مقصد لاءِ ان ادارن سان معاملن کي تيزيءَ سان طئي ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. اندازو آهي ته جاري مالي سال دوران پاڪستان کي 6 ارب ڊالر?? جي معاونت ملندي. هڪ سوال تي هن چيو ته غير دستاويز?? معيشت ۽ مارڪيٽ جو ڳاڻيٽو ٻُڌائڻ مشڪل آهي، اسا?? جي ڪوشش آهي ته ڪرنسي ۽ شي?? جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ مؤثر انداز ۾ ڪم ڪري سگهجي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان قدمن جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. هن چيو ته ملڪ?? معيشت جي صورتحال في الحال ٺيڪ آهي، واپار واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ آمدني واپار تي پابندين سبب رسد ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون هيون اڄ جي اجلاس ۾ اسان جو مؤقف هو ته آمدني مارڪيٽ کي کولڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان رسد ۾ رڪاوٽون ۽ ٻين شي?? جي قيمتن ۾ واڌ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. آمدني واپار کولڻ سان خام مال وڌيڪ ايندو جنهن سان اسا?? جي روانگي واپار وڌندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا ميسر ايندا. هن چيو ته 22ع ۾ اسا?? جي آمدني واپار 78 ارب ڊالر هئي جڏهن ته روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڪاٿو 55 ۽ 56 ارب ڊالر?? جي وچ ۾ هو، گذريل حڪومت آمدني بل کي 55 ارب ڊالرن تائين گهٽ ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته اسان معيشت، صنعت ۽ آمدني واپار کي هاڻ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته خام مال، توانائي جون قيمتون ۽ گيس جي دستيابيءَ بابت معاملن جو به جائزو ورتو ويو، اسان کي صنعتن کي ترجيح ڏيڻي آهي ڇاڪاڻ ته صنعت?? جي هلڻ سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته اڄ اجلاس ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جو پڻ تفصيل سان جائزو ورتو ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، سيز?? جي شروعات کان اڳ اسان وٽ ڪيري اوور اسٽاڪ ۾ 8 لک ملين ٽن کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي جڏهن ته اسا?? جي ماهوار ضرورت 6 لک آهي.