اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊيو پاڪستان ڊجيٽل مائيگريشن جي ڊگهي سفر ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، ريڊيوپاڪستان مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود استقامت سان ترقي جو سفر جاري رکيو. اهڙو اظهار هن هالينڊ جي گادي واري هنڌ ايمسٽرڊيم ۾ ريڊيو ريس??رس ڪنٽرول اينڊ مينيجمينٽ جي موضوع تي رٿيل عالمي ڪانفرنس کي زوم ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ ريڊيو پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان پنهنجي سمورن آرڪائيوز کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪست??ن جي نشريات کي عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي طرف وڃي رهيا آهيون، ڊي آر ايم ٽرانسميٽر لڳائڻ سان ريڊيو پاڪست??ن جي نشريات ??ڄي ملڪ سميت پاڙيسري ملڪن تائين دستياب هوندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي سبب ريڊيو پاڪست??ن جي آپريشنل لاڳت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي، ان ٽيڪنالاجي مان هڪ ٽرانسميٽر ڪيترن ئي پروگرامن جي رسد ڪندو، جڏهن ته ان سان بجلي جي استعمال ۾ پڻ بچت ٿيندي، هن چيو ته بهترين معيار جي آڊيو سگنلز کانسواءِ ڊي آر ايم ٽرانسميٽر ايمرجنسي وارننگ سسٽم سان به ليس آهن جيڪي قدرتي آفتن جي صورت ۾ هنگامي الرٽ به جاري ڪري سگهندا، اهڙي طرح ڊاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي آفت سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين کي ڪاميابي سان انجام ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي لڳائڻ ۾ تعاون تي ڊي آر آيم ڪنسوريشم خاص ڪري چيئرپرسن رڪزيندر اوبرريجا جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڊي آر ايم ڪنسوريشم جي مسلسل تعاون ۽ ريڊيو پاڪست??ن جي انتظاميه ۽ انجينئرز جي گڏيل ڪوششن مان اميد آهي ته ويجهي مستق??ل ۾ ڊجيٽل رول آٽ مڪمن ٿيندو. هن چيو ته هن تاريخي ڪارنامي سان ريڊيو پاڪست??ن جا 76 سالن جو شاندار ۽ تاريخي سفر جي هڪ نئين باب ۾ اضافو ٿيندو. نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪست??ن جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي آر ايم اسٽيئرنگ ڪميٽي کي ??ن جي پختي جذبي، محنت ۽ لگن تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته انهن جي محنت، لگن ع??وض هڪ خواب حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي.