اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي ڇو ته ملڪ ۾زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي اهي ته جيئن فيصلاسازي کي تيز ڪرڻ ۽ چار اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جا مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي انهن جا خيال هڪ جهڙا آهن. صدر ٻنهي م??ڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفا اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي م??ڪن جي فوجي قيادت جي اعليٰ سطحي م??اسٽا سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي م??ندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آيا ۽ ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي به ايندي. صدر چيو ته سعودي عرب پاڪستان کي معاشي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي. ان موقعي تي سعودي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ م شروع کان ئي مختلف شعبن ۾ ويجها لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زو?? ڏنو ۽ چيو ته سعودي عرب جو ويزن 2030ع پاڙيسري م??ڪن سان گڏوگڏ اسلامي دنيا ۾ پڻ خوشحالي آڻيندو.