اسلام آباد -11 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ?? پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي، ته نگران حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هو قومي نصابي سربراهه اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان اجلاس جو اهتمام تعليم واري نگران وفاقي وزارت، رٿابندي واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان تعليمي م??هر?? شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس ۾ سرڪاري، خانگي، غيرسرڪاري ۽ ترقياتي شعبن جي تعليمي م??هر?? شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير مدد علي سنڌي وفاق جي ايڪن وچ ۾ هم آهنگي لاءِ اين سي سي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن پاڪستان جي قومي نصاب (اين سي پي) جي مڪمل ٿيل ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وفاقي وزير نصابي ??ڌا??ن ۾ عالمي معيار کي اڳيان وڌائي قوم جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي مقصد کي برقرار رکڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ هولڊرز جي ڪردار جي پڻ واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته چونڊ مضمونن جي هڪ رينج لاءِ نصاب جي معيار جي ترقي ?? سڄي ملڪ ۾ فني تعليم کي هموار ڪرڻ جي حوالي سان قدم سڄي ملڪ جي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي جاري رهندا. ان موقعي تي مختلف پينل مباحثن سان گڏوگڏ م??هر?? طرفان نصابي ??ڌا??ن جي مختلف رخن تي پريزنٽيشن ڏني وئي. سربراهي اجلاس دوران نصابي ??ڌا??ن، نصابي ڪتابن، استادن ۽ شخصيتن تي چئن مختلف پينلز مباحثي ۾ حصو ورتو. ان شعبي ۾ م??هر?? پاڪستان جي تعليمي منظرنامي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي تجربن ۽ قيمتي تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) سيڪريٽريٽ ڊاڪٽر مريم چغتائي پاڪستان جي قومي نصاب جي مختلف پهلوئن تي هڪ پريزنٽيشن ڏني.