بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات جي لاءِ اچڻ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چي?? ته پاڪستان ۽ روس ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چي?? ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آهيان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آهن. هن چي?? ته پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي، 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي جي وڏي مارڪيٽ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چي?? ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڳالهه ٻولهه ڪندي چي?? ته خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته عالمي سطح تي غذائي تحفظ جي لاءِ روس قدم کڻي رهيو آهي، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.