اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خطي کي گڏ??ل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ گڏ??ل ترقي ۽ خوشحال جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان اق??صادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم هائوس ۾ اق??صادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي رهائشي سفيرن سان ملاقات ??ئي. نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اق??صادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اي سي او جي ميمبر ملڪن جي تاريخ ۽ ثقافت گڏ??ل آهي، اڄ خطي کي گڏ??ل چئلينجز درپيش آهن جن کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ گڏ??ل ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم رابطي، واپار، توانائي ۽ اق??صادي تعاو?? تي روشني وڌي. اي سي او جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او جي هر ميمبر ملڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين تاشقند، ازبڪستان ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي ميمبر ملڪن جي ملڪتي سربراهن سان پنهنجي ملاقاتن جو منتظر آهي. سفيرن پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي خواهش ۽ اي سي او جي ويزن ۽ مقصدن جي لاءِ پنهنجي گڏ??ل عزم جو ورجاءُ ڪيو.