اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان هميشه علائقائي ۽ عالمي ??ورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسپيڪر ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي ??ورمز تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي عزم کي دُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪشمير جي موقعي تي جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آهي جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاري?? ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاري?? ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو وڃي پيو. هن چيو ته والاري?? ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميري نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاري?? ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاري?? ڪشمير ۾ سَوين عورتن جي عصمت زري ۽ ڪشميري نوجوانن کي بيلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاي?? ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي ??انونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاري?? ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻايو ويو آهي. اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪشمير تحريڪ جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڀارت ۽ اسرائي?? ڪشمير ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آهن ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪشمير مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاري?? ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاري?? ڪشمير ۽ فلسطين جي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.