اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگه??ئي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو شنگه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شنگه??ئي تعاون تنظيم ۾ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل ۾ ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جو بن??ادي ڌيان سماجي ۽ اقصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگه??ئي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون آهن. ترجمان چيو ته انهي مٽاسٽا ۾ ٻطرفي تعاون جي وسيع شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائق??ئي تعاون ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل اعتماد، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل ويزن تي زور ڏيندي ”شنگه??ئي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اچ وڃ ۽ علائق??ئي رابطن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، ??رب?? جي خاتمي، موسمياتي تبديلي ۽ آفتن مان ڇوٽڪاري ۾ علائق??ئي تعاون تي پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اڄ جي اجلاس جي پڄاڻي تي پاڪستان شنگه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي سربراهي 2024ع جي خزان موسم تائين سنڀاليندو. ترجمان چيو ته شنگه??ئي تعاون تنظيم ۾ اسان جو ڌيان رابطن کي وڌائڻ، ٽرانسپورٽ جي بن??ادي ڍانچي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، ??رب?? جي خاتمي ۽ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توان??ئي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت اعليٰ امڪانن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ض??ورت تي عملي تعاون تي رهندو.