اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري شهداءِ ڄمون کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪن ٿا، ڄمون جي مسلمانن جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ۽ انهن تي ڪيل بدترين ظلمن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو ته ڄمون ۾ سيپٽمبر کان 6 نومبر 1947ع تائين اٽڪل اڍائي لک مسلمان?? جو قتل عام ٿيو، 25 هزار کان وڌيڪ عورتن کي اغوا ڪيو ويو ۽ لکين ڪشميرين پاڪستان طرف هجرت ڪئي، مسلمان?? جو اهو قتل عام هڪ جامع ۽ منظن منصوابندي تحت ??يو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي قتل عام ۾ پٽيالا فوسز، آر ايس ايس ۽ ٻيا انتهاپسند جٿا ملوث هئا، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ وحشيت جو مظاه??و ڪيو ويو، اڄ انهن پناهگير?? جو نسل هتي زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور نمائندگي ڪري رهيو آهي، شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين.