اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توان??ئي تي منتقلي جي ع??ل کي تيز ڪرڻ ۽ زم??ند??ر ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زم??ند??ر ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توان??ئي تي منتقلي جي ع??ل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم توان??ئي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زم??ند??ر ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.