دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ جمهوريه ايسٽونيا جي وزيراعظم ڪاجا ڪالس خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ??يڪ??الاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ادارن سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ات??اق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي موقعي تي جمهوريه ايسٽونيا جي وزيراعظم ڪاجا ڪالس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڪاجا ڪالس ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ٻٽي ٽيڪس جي خاتمي جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ تي ات??اق ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ??يڪ??الاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ايسٽونيا سان گڏيل تعاون تي ٻڌل رابطن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ انفارميشن ??يڪ??الاجي کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي ات??اق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ممڪن تعاون جي شعبن بشمول تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي فعال ٿيڻ کي ساراهيندي موسمياتي تبديلي جي موذي اثرن کان بچاءُ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ايسٽونيا جي وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي ڳڻتي جو مسئلو آهي ۽ ان کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ گهرجي. هن ماحولياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي حفاظت جهڙن گڏي?? چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ ات??اق ڪيو. ملاقات پاڪستان پويلين ۾ ٿي. ان ملاقات ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي ٻين مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي جهڙن خطرن تي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪيو.