ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي چرپر جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گاڏين جي لاءِ سيفٽي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ جو نظام قائم ڪرڻ جي هدا??ت ڪندي چيو آهي ته گاڏين جا لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ تصديق جي لاءِ هڪ موثر ڊيٽابيس جڏهن ته ملڪي سمنڊن تي غيرقانوني ماهيگيري رو??ڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پيٽرولنگ فورس جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بلوچستان ۾ نگران حڪومت جي سربراهي ۾ انتظامي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي نگران حڪومت جي دور ۾ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ بلوچستان جي پاڻي ذخيرن، گهرن جي تعمير، معدنيات، مواصلات، قانون ۽ انصاف، ماهيگيري ۽ ٻين شعبن تي بريفنگ شامل ??هي. نگران وزيراعظم ا??لاس ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ پاڻي جي پهچ جي مشڪلاتن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي ۽ صوبائي انتظاميا کي چيو ته بلوچستان جي سمورن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ صوبي ۾ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. نگران وزيراعظم صوبي ۾ گذريل ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي بحالي ۽ انهن جي گهرن جي نئين سر تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بلوچستان صوبي ۾ کاڻين جي کوٽائي کي باقاعده شعبي جو درجو ڏيڻ جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جو مستقبل صوبي ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ قومي ۽ عالمي سيڙپڪاري سان واڳيل ??هي. نگران وزيراعظم ا??لاس ۾ م??ڪ جي چرپر جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ گاڏين جي لاءِ سيفٽي سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ جو نظام قائم ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گاڏين جا لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ تصديق جي لاءِ هڪ موثر ڊيٽابيس جوڙيو وڃي. نگران وزيراعظم ا??لاس ۾ م??ڪي سمنڊن تي غيرقانوني ماهيگيري رو??ڻ جي لاءِ هڪ خصوص پيٽرولنگ فورس جوڙڻ جي هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ غيرقانوني ٽرالرن جي اچ وڃ رو??ڻ جي لاءِ مقامي ماڻهن تي ٻڌل هڪ موثر پيٽرولنگ فورس جوڙي وڃي. اجلاس ۾ بلوچستان جو نگران وڏو وزير مير علي مردان خان ڊومڪي، اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، تعليم وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي، صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ صوبائي انتظاميا جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.