اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي گڏيل ع??ب امارات جي پرڏيهي وزي?? شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽي??يف??ن ڪئي ۽ پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل ع??ب امارات جي هم منصب سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي سطحي تعاون جي پائيدار رفتار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته آئون گڏيل ع??ب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.