اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ايران جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي ش??يد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اسان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان دهشتگردي ??ي خلاف جنگ ۾ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي ??ي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن خطي ۾ دهشتگردي ??ي وڌندڙ ڪاررواين تي گهري ڳڻتي آهي، اهو هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن جي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.