اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر ??يد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ??يو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب وقتي صدر ??و ايراني صد?? جي شهادت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گهري ڏک جو اظهار ??يو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر ??يد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صد?? جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صد?? جي شهادت اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، صدر ??براهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو، صدر ??براهيم رئيسي جي شهادت سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين ل??ڳا??ا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين ل??ڳا??ا آهن، پاڪستان سان ل??ڳا??ن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ليڊر پاڪستان سان ل??ڳا??ن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر ??ئيسي جو پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر ??يد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.