اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ چين جي ويزن کي ساراهي ٿو، سي پيڪ هن خطي ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم حصو آهي، گذريل 10 سالن جي سفر اسان کي مس??سل ڪوششن جي اهميت ۽ خدشن کي فعال طور تي حل ڪرڻ جي صلاحيت سيکاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رٿابندي واري وزارت ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي گڏيل تعاون ڪميٽي جي 13 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ??ائ??س چيئرمين نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ريفارمز ڪميشن مس??رلي چونلن جي گڏيل صدارت هيٺ 13 هين ج??ائ??ٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير عليم خان، وفاقي وزير اويس منظور سمرا، توانائي، مواصلات، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽرين ۽ وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چين طرفان اجلاس جي صدارت ??ائ??س چيئرمين نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪري رهيو هو. جي سي سي جي شرڪت ڪندڙن کي سي پيڪ جي اڳڀرائي تي ٻڌل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. دستاويزي فلم ذريعي سي پيڪ جا 10 سال مڪ??ل ٿيڻ جو جشن ملهايو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ ڊگهي مدي وارن منصوبن، توانائي، مواصلات، گوادر ورڪنگ گروپ، صنعتي، سماجي ۽ معاشي، عالمي تعاون ۽ رابطا، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ورڪنگ گروپس ۾ ٿي?? اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ويو. اجلاس ۾ بشام ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيل چ??ني ماڻهن لاءِ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ چين جي ويزن کي ساراهي ٿو، اسان سي پيڪ جي ٻئي فيز کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ چين جي نيشنل ڊولپمينٽ ريفارم ڪميشن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هي ٻنهي ملڪن جي گڏيل خوابن جو سفر آهي. آئون چين جي نيشنل ڊولپمينٽ ريفارم ڪميشن سمورين چ??ني وزارتن ۽ مالياتي ادارن جو ٿورائتو آهيان ته هو اڄ هن فورم تي گڏ ٿيا. ان اسٽريٽجڪ قدم تحت اسان سي پيڪ جي چئلينجن کي گڏجي حل ڪنداسين. احسن اقبال چيو ته جن منصوبن جو اسان ڪڏهن خواب ڏٺو هو اهي هاڻي عملي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. سي پيڪ هن خطي ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهم حصو آهي. گذريل 10 سالن جي سفر اسان کي مس??سل ڪوششن جي اهميت ۽ خدشن کي فعال طور تي حل ڪرڻ جي صلاحيت سيکاري. چ??ني قيادت جي ويزن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي بجلي پيدوار کي امپورٽ ٿيل فيول کان مقامي فيول تي منتقل ڪيو. پاور سيڪٽر ۾ 16 ارب ڊالرن جا منصوبا مڪ??ل ٿي چڪا آهن، هن چيو ته مواصلات سيڪٽر ۾ 6 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جا 8 منصوبا مڪ??ل ڪري چڪا آهيون. ريلوي جي 6 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جي ايم ايل ون منصوبي تي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. ايم ايل ون منصوبو بڊنگ لاءِ تيار آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي تي به اڳڀرائي ٿي رهي آهي. سکر حيدرآباد موٽر وي تي ڪم جاري آهي. سي پيڪ تحت گوادر ۾ سماجي ترقي جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو زراعت، صنعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون ۽ ترقي آهي. خصوصي اقتصادي زونز ۾ چ??ني ٽيڪنالاجي ۽ چ??ني ڪمپنيون پنهنجي صنعتن کي انهن خصوصي زونز ۾ منتقل ڪنديون. اجلاس ۾ چ??ني ??ائ??س چيئرمين اين ڊي آر سي لي چونلن وفاقي وزير احسن اقبال جي سي پيڪ سان گهري وابستگي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته احسن اقبال هن وقت تائين منعقد ٿيل 13 مان 10 جي سي سي اجلاسن جي صدارت ڪئي جيڪو پڻ هڪ اعزاز آهي. چين پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ڀرپور تعاون لاءِپرعزم آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ علائقي جي لاءِ تبديلي جو منصوبو آهي. سي پيڪ تحت توانائي جا 16 منصوبا مڪ??ل ڪري چڪا آهيون، بجلي منصوبن ۾ پيداوار ۽ فراهمي جا منصوبا شامل آهن.