ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب ??ما??ات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سا?? گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب ??ما??ات جي صدر سا?? شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان جي گڏيل عرب ??ما??ات سا?? حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد ??وا??ائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب ??ما??ات جي پاڪستان ۾ ??وا??ائي، پورٽ آپريشنز، غذائي ت??فظ?? مواصلات، معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز جي شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.