شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مث??ت رخ طرف گامزن آهن. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، حڪومت اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي، اسان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي مئي ۾ 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ??انفرنس ??ي خطاب ڪ??دي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين ۾ تسلسل حڪومت جو ڪم آهي، نجي شعبو هاڻي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ??ند??، جڏهن ته بزنس ??انفرنس ??ي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطاب ڪ??دي چيو ته بزنس فورم ٻنهي طرفن کان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. شينزن ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ مثال آهي. هي بزنس ??انفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي ??رو?? ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ملڪن مان 500 بزنس ليڊرن جي هتي شرڪت ان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. ايگزيڪيوٽو وائيس ميئر شينزن ٿائو خطاب ڪ??دي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شينزن اچڻ جي آجيان ??ند?? چيو ته گڏيل بزنس فورم ڪاروباري شخصيتن کي موثر پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان کان اڳ ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا.