شينزن – 05 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته روانگي واپار ۾ اض??في سميت ٻين اهم قدمن جي لاءِ ڪوششو ڪري رهيا آهيون، پ??ڪس??ان ۾ 10 ٽريلين ڊالر جي معد??ي وسيلن جو ڪاٿو آهي، پ??ڪس??ان ۾ آءِ ٽي، زراعت، معد??ي وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ بي پناهه موقعا آهن. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته سيڙپڪاري ج?? سهولت ڪائونسل ڪاروباري شعبي ۽ سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خساري ۾ هلندڙ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي غور جاري آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته پ??ڪس??ان جو اقتصادي ترقي جي حوالي سان بهتر ٽريڪ رڪارڊ رهيو آهي، ڪجهه سال اڳ تائين پ??ڪس??ان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، ناڻي واڌ 2 سيڪڙو، سي پي آءِ 9 سيڪڙو کان گهٽ، جي ڊي پي واڌويجهه 6 سيڪڙو هئي بدقسمتي سان سياسي عدم استحڪام، حڪومت جي تبديلي، ڪوويڊ سميت ٻين مسئلن جي ڪري ان ۾ مشڪلاتون آ??ون.