اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وز??راعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ?? ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وز??راعظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ??منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وز??ر پروفيسر احسن اقبال پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وز??راعظم ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ??يو. صدر وز??راعظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.