اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ س??ال ميڊيم انٽر پ??ائيز ڊولپمينٽ بابت قومي ??ابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال ميڊيم انٽر پ??ائيزز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پ??ين??ور??پ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال ميڊيم انٽر پ??ائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.