اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عم??ن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، هن پاڪستان ۽ عم??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سلطنت عم??ن جي سفير فهد سليمان خلف الخروسي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مسقط جي ضلعي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي ابن ابوطالب تي ٿيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملي ج?? شديد مذمت ڪئي ج??هن جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني شهرين سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اٽڪل سمورا پاڪستاني هئا. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زخمين جي علاج جي لاءِ عمان پاران فوري قدمن ۽ پاڪستاني سفارتخاني سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عمان کي دهشتگردي ج?? لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي تعاون جي آڇ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق جي لاءِ پنهنجي ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سلطان سان عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق کي ج??د ک??ن جلد پاڪست??ن جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پنهنجي اڳ ۾ ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عم??ن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ وفد کي ايندڙ هفتي پاڪست??ن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته لاڳاپيل عملدار گڏيل ط??ر تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفد کي مڪمل تعاون فراهم ڪندا. عم??ن جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ عم??ن جي سلطان پاران ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ملڪ جي پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.