اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني جي لاءِ تاريخ جو سڀ کان ??ڏو سڌاراجاتي پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ پاڪستاني قانونن ۽ ضابطن جي پهرين ڊيجيٽل رجسٽري قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم منصوبي جي فنڊنگ ۾ دلچسپي ??و اظهار ڪندڙ عالمي ادارن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم منصوبي جي فنڊنگ ۾ دلچسپي ??و اظهار ڪندڙ عالمي ادارن سان ??عاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم حڪومت جي معاشي ??ڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد ۾ آمريڪي ترقياتي حصيدار ادارن پاران ??عاونت ۾ دلچسپي ??ي اظهار تي خصوصي ٿورا مڃيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اجلاسن ۽ مشاورت سان گڏوگڏ لاڳاپيل عملدار ۽ وزارتون پاليسي قدمن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائين. وزيراعظم منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا پنهنجو سمورو ڌيان ان ??نصوبي تي عملدرآمد تي ڏيندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته منصوبي جي پهرين مرحلي تحت انتهائي اهميت رکندڙ شعبن جا سڌرا شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر اسڪاٽ جيڪب جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ ۽ لاڳاپيل ادارن جي منصوبي جي حڪمت عملي ٺاهڻ ۾ معاونت تي پذيرائي ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان گڏوگڏ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، عبدالعليم خان، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي منصوبي جي حوالي سان تفصيلن سان گڏوگڏ ان کي لاڳو ڪرڻ جي مقرر مدي جي حوالي سان ??ڻ آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ??ڌايو ويو ته رجسٽري ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ موجود سمورن قانونن ۽ ضابطن کي گڏ ڪري ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ سمورن غيرضروري قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪيو ويندو. بريفنگ دوران ??ڌايو ويو ته بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کي هٽائي رجسٽريشن، پرمٽس ۽ بين ضروري قدمن ۾ گهربل وقت کي ڊيجيٽائيزيشن سان گهٽ ڪيو ويندو، ان ??دم سان ??ه رڳو سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي پر ملڪ ۾ نجي شعبي جي تيز رفتار ترقي جي شروعات ٿيندي، ان ??دم سان ??اڪستان سڄي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان ??وزون ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويندو. وزيراعظم شروعاتي طور تي انتهائي اهم قانونن ۽ ضابطن کي ترجيحي بنيادن تي گڏ ڪري پهرين مرحلي کي ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو.