لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چي?? آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏين??ن رات جاکوڙي رهي آهي، 9 مئي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي مزار جي اڱڻ ۾ مسجد نبوي جي طرز تي ڇٽين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چي?? ته محمد نواز شريف ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. معيشت کي هلائڻ سچ آن يا آف ڪرڻ جهڙو ناهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏين??ن رات جاکوڙي رهي آهي. هن چي?? ته حڪومت جي مثبت پاليسين عيوض ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، بجلي جو مسئلو جلد حل ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. اسحاق ڊار چي?? ته الله تعاليٰ جي فضل سان دهشتگردي جو جلد خاتمو ايندو. قومي سلامتي ۽ ادارن تي حملا اسان جي ريڊ لائين آهن، جيڪڏهن ڪن??ن ريڊ لائين پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي هتي ڪا گنجائش ناهي، 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چي?? ته قانون پ??هن??و رستو اختيار ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.