لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??در محمد نواز شريف جي ??دارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم ??هب??ز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر حمزه ??هب??ز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف عوام جي ??ليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سياسي پارٽين جي ??ڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته ??سارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ??وام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي ??لن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪومت جي 46 ارب روپين جي ??وامي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم ??هب??ز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن پنجاب جي ??وام کي بجلي جي ??لن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي ??قدار آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ??رورت آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي ??رچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.