اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آه??گي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، جن کي مختلف شعبن ۾ تعاو?? جي ذريعي وڌيڪ سگ??ه ڏئي سگ??جي ??ي. ??زيراعظم حڪومت جي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آه??گي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني ٻنهي ملڪ?? جي لاڳاپن ۾ پل جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جو ٻنهي ملڪ?? جي بهتر لاڳاپن ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم ڪنگ چارلس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر برطانوي حڪومت پاران پاڪستا?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.