اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ واپاري اڳواڻ افتخار علي ملڪ کي سندس50 سالا جي اڻٿڪ خدمتن تي ايف پي سي سي آءِ ليجنڊ آف بزنس ڪميونٽي ايوارڊ عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز سڄي خطي ۾ واپار ۽ صنعت کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي مثالي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. سندس ايوارڊ سندس وڏ?? پٽ سينيئر ايگزيڪيوٽو گارڊ گروپ تيمور علي ملڪ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وصول ڪيو. ڪاروباري ۽ واپاري ڌرين پاران افتخار ملڪ کي اعليٰ ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته افتخار علي ملڪ پنهنجي اڻٿڪ ??حنت جي لاءِ مشهور آهي ۽ ڪاروباري دنيا ۾ نمايان مقام رکي ٿو. افتخار علي ملڪ کي واپار ۽ بزنس جي شعبي لاءِ سندس ڪوششن ۽ بي پناهه خدمتن جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ واپاري منظرنامي جي جوڙجڪ ۾ سندس ڪردار به اهم رهيو آهي. جنهن جي ڪري کيس ممتاز ايوارڊ جو حقدار سمجهيو ويو آهي. افتخار علي ملڪ سارڪ چ??مب??ز آف ڪامرس، ايف پي سي سي آءِ ۽ لاهور چ??مب?? جي صدر ۽ سارڪ چ??مب?? پاڪستان چيپٽر جو مسلسل 11 سالن تائين بنا مقابلي نائب صدر رهيو ۽ ملڪ ۾ واپارين ۽ چ??مب??ز جي اتحاد، يونائيٽيڊ بزنس گروپ جو چيئرمين به رهيو، سندس گروپ مشهور بختاور ميموريل ٽرسٽ جون ٻه اسپتالون پڻ هلائي رهيو آهي، جيڪي مستحق مريضن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري ٿو.