اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن لاءِ ڪيترائي پرُڪشش ۽ اهم من??وبا موجود آهن، سعو??ي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت من??وبن جي آڇ به ڪنداسين. وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعو??ي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته سعودي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي پرڪشش ۽ اهم من??وبا موجود آهن، مواصلات جي شعبي ۾ ايم – 6 ۽ ايم – 9 موٽر وي جي من??فعي بخش من??وبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان ڪالهه جمعي ??ينهن جاري پڌرائي موجب وفاقي وزير سعو??ي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڪراچي بندرگاهه کي پهرين کان موجود موٽر وي سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر موٽر وي جي جلد کان جلد تڪميل اولين ترجيح آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته نجڪاري لاءِ اهڙا سرڪاري کاتا پائپ لائين ۾ آهن جيڪي فوري من??فعو ڏئي سگهن ٿا. سعودي عرب سان هر طرح جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ سرڪاري ادارن ۾ نمايان بهتري ۽ سڌارن جو عمل متعارف ڪرايو آهي. سعو??ي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به من??وبا پيش ڪنداسين. مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري جا شعبا بهترين بزنس ماڊل وارا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي سعو??ي وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح وفاقي وزير عبدالعليم خان جي آڇ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي سعو??ي وفد، واپاري برادري ۽ سرڪاري عملدارن طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان جي دل پاڪستاني عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي.هي اسان جو پنهنجو گهر آهي. پاڪستان جي ان دوري کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائينداسين. بريفنگ دوران مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي سيڪريٽرين به سعو??ي وفد کي اهم معاملن جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ان کانپوءِ من??قد اجلاس ۾ سعو??ي وفد سان گڏ جوائنٽ من??ٽريل ڪانفرنس، جي ٽو جي سطح تي گڏيل سهڪار تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، ڄام ڪمال خان ۽ اوي?? لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، احمد چيمه، علي پرويز ملڪ ۽ شيخ قيصر کانسواءِ سينئر عملدار به موجود هئا.