اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اط??اعات واري وف??قي سيڪ??يٽ??ي عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ۽ اط??اعات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اط??اعات واري وف??قي وزير ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي موقعي تي مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر مان فائدو کڻي سگهندا. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ قائم ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ليب، هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، ڊيجيٽل پرنٽر، ڊيجيٽل اسٽوڊيو، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ميڊيا لائبريري، ڪانفرنس روم سميت جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ڊيجيٽل لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ مقامي ۽ غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ انفارميشن ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ايس س?? او ڪانفرنس دوران ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ايس س?? اوڪانفرنس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت دستياب هوندي. ان موقعي تي اط??اعات واري وف??قي وزير بهترين انتظامن تي اط??اعات واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.