اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ??ڪومتي سربراهن جي ??جلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف منگوليا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي ??اريخ ۾ ??ڪ نئين باب جي ??روعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ??رورت آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف منگوليا جي ??ول سرونٽس کي پاڪستان جي ??ربيتي ادارن ۾ تربيت جي ??ڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي ??جويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ??ڪومتي سربراهن جي ??جلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي ??ور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ??ريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ??واهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي ??عبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.