اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ايم-6 موٽر ويز جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي، ان مع??ملي تي سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آ??يون. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر پونجو راجه رستي کان عمر ڪوٽ تائين روڊ جي مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي تي ٺيڪيدار منع نامو وٺي رکيو آهي ۽ اهو مع??ملو اسلام آباد جي عدالت ۾ ٻُڌڻي??َ هيٺ آهي. هن چيو ته ايم-6 موٽر ويز جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي. ماضيءَ ۾ ان شاهراهه جي تعمير جي مع??ملي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته اسان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آ??يون.