واشنگٽن_ 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ??ڌا??ن لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ، مالياتي خسارو گهٽائڻ ۽ ڍانچيوار ??ڌا??ن ذريعي جٽادار ترقي لاءِ ??اه?? هموار ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ جي -24 وزيرن ۽ گورنرن جي اجلاس ۾ شرڪت دوران اسرندڙ ملڪن جي درپيش چئيلينجز تي ڌيان ڇڪرايو. ناڻي واري وفاقي وزير ٽيڪس ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽيڪس نظام کي وڌيڪ منصفاڻو ۽ اثرائتو بڻائڻ، توانائي جي شعبن ۾ ??ڌا??ن، ۽ سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ تي زور ڀريو. هن مختلف عالمي مالياتي ادارن ۽ ملڪن سان ملاقاتن ۾ ٻه طرفي ۽ ڊگهي مدي وار?? اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ماحولياتي تبديلي، آبادي ۾ اضافي ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه جهڙن اهم مسئلن جي حل لاءِ سمورن ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن چيو ته عالمي برادري کي پاڪستان ج?? اقتصادي پاليسين جي حمايت ڪرڻ ۽ ملڪ کي معاشي چئلينجز مان ڪڍي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وزير ان موقعي تي جي-24 بيورو جي ٻئي نائب صدر طور مالي سال 25-2024 ع دوران خدمتون انجام ڏيڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير سٽي بينڪ جي وفد سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن (سي او سي ايس)، پينشن ۽ حڪومتي سائز کي درست ڪرڻ لاءِ جاري ??ڌا??ن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن روڊ ٽو مارڪيٽ جي ڊگهي مدي جي حڪمت عملي جو پڻ خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ عالمي ڪيپٽل مارڪيٽ تائين رسائي جي امڪان جو جائزو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد اقتصادي ??ڌا??ن ذريعي پاڪستان جي مالي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ترقي جي ??اه?? هموار ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مختار ڊيوپ سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اهم اقتصادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهين ۾ اسلام آباد هوائي اڏي لاءِ ٻولين، متنوع ادائيگي جا حق (DPR) جي استعمال، آف شور بانڊ ذريعي مقامي ڪرنسي ۾ اضافو ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۽ هائوس بلڊنگ فنانس ڪاپوريشن جي نجڪاري جهڙا موضوع شامل هئا. ناڻي واري وزير آءِ ايف سي طرفان پاڪستان کي مشاورتي ۽ مالي مدد ف??اه?? ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ زرعي ڪاروبار، صحت جي سارسنڀال، پاڻي، آمدرفت ۽ ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر ۾ جديد مالياتي ماڊلز لاڳو ڪرڻ لاءِ ت??اون جي درخواست ڪئي. هن بجلي جي پهچ ۽ ورڇ جي نيٽ ورڪ کي جديد بنائڻ جي حڪومتي ترجيحن تي روشني وڌي، جنهن ۾ آءِ ايف سي جي فني مدد سان وڌيڪ فائدو کڻڻ جو امڪان آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ آءِ ايف سي جي حمايت کي به سا??اه??و ويو، جنهن جي حڪومت سال جي آخر تائين تڪميل جي اميد رکي ٿي. ملاقات جي پڄاڻي تي ناڻي واري وزير مسٽر مختار ڊيوپ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن ملڪ ۾ جاري ??ڌا??ن، ترقياتي منصوبن جو ويجهي ک??ن جائزو وٺي سگهي. ناڻي واري وزير V20 وزارتي ڊائيلاگ ”مالياتي ??ڌا??ا، قرضن جي حل ۽ قابليت جوڳي سرمائي ذريعي موسمياتي خوشحالي جو احساس“ جي موضوع تي شرڪت ڪندي پاڪستان جي موسمياتي خوشحالي منصوبي جي قيام جي تياري جو اعلان ڪيو. هن عالمي مالياتي نظام ۾ ??ڌا??ن جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ماحول لاءِ قرض کي گهٽ ڪرڻ جي اصول کي عملي جامو پارائي سگهجي. هن گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن (MDBs)کان مطالبو ڪيو ته هو گرانٽس ۽ رعايتي فنانسنگ جي موقعن ۾ اضافو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن لاءِ مالياتي مدد ف??اه?? ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير V20 کي هڪ سرڪاري بين الحڪومتي گروپ طور عالمي مالياتي فنڊ طرفان تسليم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. واشنگٽن ڊي سي ۾ ورلڊ بئنڪ – آءِ ايم ايف جي سالياني گڏجاڻي دوران، ناڻي واري وزير سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجد عان به ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي سا??اه??و ۽ گڏيل اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جو عزم ڪيو. ملاقات ۾ سعودي وزير توانائي جي شعبي ۾ سعودي عرب جي تجربن جي مٽاسٽا ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزير واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ??ڌا??ن جي حوالي سان اهم پاليسي قدمن تي روشني وڌي. ترڪي جي ناڻي واري وزير سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائراڻو لاڳاپن کي سا??اه??ندي ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ ترڪيه جي تجربن مان سکڻ جي تجويز ڏني ۽ ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني هم منصبن سان گڏيل فائديمند گڏيل منصوبن (JVs) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انهي دوران آمريڪي ناڻي واري اسسٽنٽ سيڪريٽري برينٽ نيمن سان ملاقات ۾، ناڻي واري وزير ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ، سبسڊي ??ڌا??ن، توانائي جي شعبي جي بحالي ۽ سرڪاري ڪمپنين (SOEs)جي جوڙجڪ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن آءِ ايم ايف جي توسيعي فند سهولت (EFF) کي حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪي حمايت تي ٿورو مڃيو، جڏهن ته مسٽرنيمن پاڪستان جي ڍانچا جاتي ??ڌا??ن جي عزم کي سا??اه??و، جن جي نتيجي ۾ مالياتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ڏسڻ لاءِ ملي. ناڻي واري وزير بلومبرگ کي انٽرويو ڏنو ۽ بئنڪ فنڊ اسٽاف ايسوسيئيشن آف پاڪستانيز جي نمائندن سان ملاقات به شامل هئي. انهن سمورين سرگرمين جو مقصد پاڪستان ج?? اقتصادي ترقي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.