اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پا??ست??ن ترڪيه ??ان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي عوام گهري ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي ح??ومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پا??ست??ن ترڪيه ??ان گڏ بيٺل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ترڪيه ۽ پا??ست??ن جي عوام مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته 1923ع ۾ ڪمال اتاترڪ جديد ترڪيه جو بنياد رکيو، ترڪيه تباهي آڻيندڙ زلزلن ۽ ٻوڏن کانپوءِ پا??ست??ن جي امداد ڪئي جنهن ??ان پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته ترڪيه ڪورونا جي وبا دوران ۽ عالمي فورمز تي پا??ست??ن جي سدائين حمايت ڪئي. هن چيو ته ترڪيه پا??ست??ن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پڻ ڀرپور تائيد ۽ حمايت ڪئي، پا??ست??ن سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ 2 سالن جي مدي لاءِ پهرين جنوري 2025ع کان سنڀالي رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن ??ان گڏ دوستاڻن لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پا??ست??ن ترڪيه کي دهشتگردي جي تدارڪ سميت سمورن اهم مسئلن تي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ترڪيه ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي دنيا جي بي شمار فورمز تي سدائين حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطينين ??ان غزه ۽ بيروت ۾ اسرائيل جي جاري وحشياڻي ظلمن تي دنيا جي ٻٽي معيار تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پا??ست??ن فلسطيني ڀائرن جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندو. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران جاري نسل ڪشيءَ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ ترڪيه کي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، پا??ست??ن ۾ رهندڙ ترڪيه جي شهرين، معززين ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي قومي ترانن جي ڌُنن ??ان ٿي.