اسلام آباد -10 ??وم??ر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامڪ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي سمٽ جي سائيڊ لائينز تي وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به متوقع اهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير ??طاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فا??مي به وزيراعظم سان گڏ آهن. هي غير معمولي سربراهي اجلاس سعودي عرب جي حڪومت طرفان گهرايو ويو آهي جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي ويندي. سربراهي اجلاس ۾ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جا م??مب?? ملڪ به شرڪت ڪري رهيا آهن.