لاهور- 20 نومبر (اي پي پي) بابا گورو نانڪ جي 555هين ??نم ڏينه?? جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياترين گوردواره رهڙڪي صاحب ايمن آباد ج?? دورو ڪيو. گوردواره رهڙڪي صاحب ۾ رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ ياترين ??و جٿو سخت سيڪيورٽي ۾ گذريل ڏينهن گوردواره ڊيره صاحب لاهور پهچي ويو. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ ??ورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيف الله کوکر ٻڌايو ته ايويڪيو ٽرسٽ ??ورڊ جي چيئرمين ??يد عطالرحما?? جي هدايتن مطابق گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ سک ياترين لاءِ رهائش جا بهترين ??نتظام ڪيا ويا آهن، گردواره جي عمارت کي چمڪندڙ بتين ??ان روشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته گريٽر اقبال پارڪ ۽ شاهي قلعي جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايويڪيو ٽرسٽ ??ورڊ جي سيڪيورٽي ۽ ميڊيڪل ٽيم هر وقت ياترين ??ان گڏ موجود آهن ۽ انهن کي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سک ياتري گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ 2 ڏينهن قيام ڪندا، جتي سک ياتري?? جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق ياتري 23 نومبر تي 10 ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿيڻ تي ڀارت واپس روانو ٿي ويندا.