لاهور – 27 نومبر (اي پي پي ) مشهور افسانه نگار بانو قد??يه جو 96 هون جنم ڏينهن 28 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. راجه گدهه جهڙي شاهڪار ناول جي ليکڪه بانو قد??يه 28 نومبر 1928ع تي اوڀر پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿي ۽ هندستان جي ورهاڱي ب??د لاهور اچي ??ئي. اردو ادب سان تمام گهڻي لڳاءَ سبب هن اردو ۾ ڪيترائي ناول لکيا جنهن ۾ راجه گدهه ۽ امر بيل ايترا ته گهڻا مشهور ٿيا جو سندس نالو بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿي ويو. بانو قد??يه اسٽيج شو ۽ ٽي??ي ويزن لاءِ پڻ پنجابي ۽ اردو زبان ۾ ڊرامه اسڪرپٽ لکندي هئي. سندس پهترين لکڻي ۽ ادب ۾ بهترين ڪارڪردگي تي 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان کيس هلال امتياز ۽ 2010 ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته هن 2012ع ۾ ڪمال فن ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو. بانو قد??يه شديد بيماري سبب 4 فيبروري 2017ع تي لاڏاڻو ڪري ??ئي.