اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وز??ر عبدالعليم خان اين ايڇ اي کي سمورين موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ لاءِ سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي پلان جي تياري جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪي?? بيان موجب اهي هدايتون هن پنهنجي صدارت هيٺ منعقد اجلاس دوران جاري ڪي??ن. وفاقي وز??ر چيو ته حادثن ۾ ريسڪيو لاءِ چئني صوبن ۾ هيلي ڪاپٽر سروس ۽ فوري رليف ملڻ گهرجي، شهرين جون زندگيون بچائڻ اولين ترجيح آهي، 1122 جي طرز تي فوري ايمبولينس فراهم ڪريو. وفاقي وز??ر هدايت ڪئي ته نيشنل ??اء?? وي اٿارٽي ڪراچي کان پشاور تائين ۽ بلوچستان لاءِ ايمرجنسي سروسز سينٽرن جي نشاندهي ڪري ۽ ايندڙ هڪ هفتي دوران ان سلسلي ۾ هنگامي پلان تيار ڪري. اجلاس ۾ سمورين شاهراهن تي ايڪسل لوڊ جي پابندي يقيني بڻائڻ ۽ ڏنڊ ۾ هڪ هزار سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪي?? ويو. وفاقي وز??ر هدايت ڪئي ته مروجه وز?? کان وڌيڪ لوڊ لاءِ زيرو ٽالرنس اختيار ڪريو، ڪا به نرمي نه ڪئي وڃي. وفاقي وز??ر هدايت ڪئي ته نيشنل ??اء?? وي اٿارٽي لاهور سيالڪوٽ موٽر وي جي طرز تي سمورين شاهراهن کي بيريئرز فري ڪري. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوامي آگاهي لاءِ موثر ميڊيا مهم شروع ڪئي وڃي. موٽر ويز ۽ ??اء?? ويز تي سفر ڪندڙ سمورن ماڻهن جون زندگيون انتهائي عزيز آهن، قومي شاهراهن تي حادثن جو سبب بڻجندڙ سمورين گاڏين خلاف قدم کنيا وڃن. وفاقي وز??ر چيو ته سفر کي وڌيڪ محفوظ بڻايو ۽ پيٽرولنگ کان محروم علائقن ۾ موٽر وي پوليس فوري پيٽرولنگ جو آغاز ڪري. اجلاس ۾ حيدرآباد، سکر موٽر وي جي تعمير تي مختلف آپشنز جي حوالي سان غور ۽ ويچار ۽ مختلف تجويزون پيش ڪي??ن ويون، سيالڪوٽ کان کاريان موٽر وي جي تعمير جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ تجويزون تي غور ڪي?? ويو. مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي چيئرمين اجلاس کي مختلف اداره جاتي معاملن ۽ هلندڙ منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.