راولپنڊي- 07 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سالياني ڪو??ٽل ڪمانڊ ايفيشنسي پريڊ 2024ع ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. آ??ِ ايس پي آر مطابق اها تقريب پاڪ بحريه جي ڪو??ٽل ڪمانڊ جي آپريشنل س??ل جي ڪامياب پڄاڻي جي نشاندهي ڪري ٿي. نيول چيف چيو ته سر ڪريڪ کان جيوني تائين پاڪستان جي سامونڊي علائقي جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي ڪو??ٽل ڪمانڊ جون ڪ??وشون تعريف جوڳيون آهن. نيول چيف بهترين ڪ??رڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ يونٽس کي اعزازي شيلڊز سان نوازيو. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سينئر، حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ نيول آفيسرن سميت سول معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.