اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي م??يشت، توانائي ۽ صنعتي شعبي کي م??تحڪم ڪر?? لاءِ وقت سر ۽ مؤثر پاليسي قدم ضروري آهن. هن سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئ?? ته هو شفافيت ۽ ذميداريءَ جي اصولن کي نظر ۾ رکندي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن قومي ترقيءَ جا هدف حاصل ڪري سگهجن. اهڙو اظهار هن ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئ??. اجلاس بچاءَ واري وزارت جي حق ۾ 1.945 ارب رپين جي فني ض??ني گرانٽ (ٽي ايس جي) جي منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي عورتن بابت قومي ڪميشن لاءِ 5.276 ملين رپين جي فني ض??ني گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني، جيڪا انساني حقن واري وزارت کي فنڊز جي ٻيهر ورڇ تي ٻَڌل آهي. اهي قدم پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ جي حمايت لاءِ کنيا ويا آهن. سڌ سماءَ واري وزارت طرفان پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مالي سال 25-2024ع ۾ 15 رٿائن جي تڪميل لاءِ 2462.302 ملين رپين جي فني ض??ني گرانٽ جي تجويز پيش ڪئ?? وئي جنهن کي اِي سي سي منظور ڪري ورتو. سڌ سماءَ واري وزارت ”ڪوريائي ڪلچر ويڪ“ ۽ 2024ع ۾ منعقد ٿيل شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي واجب الادا رقم جي ادائگي جي تجويز پيش ڪئ??. اي سي سي 120.822 ملين رپين جي فني ض??ني گرانٽ جي منظوري ڏني ته جيئن انهن تقريبن جا خرچ پورا ڪري سگهجن. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ٽينور ٽريڪ سسٽم تحت فيڪلٽي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ 1.5 ارب رپين جي فني ض??ني گرانٽ جي درخواست ڪئ??. اي سي سي درخواست جي منظوري ڏني. گهرو وزارت شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس 2024ع دوران سيڪيورٽي انتظامن، پُرتشدد مظاهرن دوران تباهه ٿيل سيف سٽي ڪئ??يرائن جي م??مت ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ضرورت لاءِ 650.357 ملين رپين جي فني ض??ني گرانٽ جي درخواست ڪئ?? جنهن کي اي سي سي منظور ڪري ورتو. اي سي سي گهرو وزارت جي درخواست تي اسلام آباد سيف سٽي پروجيڪٽ جي بقايا معاهدي واري رقم جي 5 سيڪڙو ادائگي لاءِ ميسرز هواوي ٽيڪنالاجيز ڪمپني لميٽيڊ کي 6.170 ملين آمريڪي ڊالر (تقريباً 1.72 ارب رپيا) ادا ڪر?? جي منظوري ڏني. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت گودام ۽ لاجسٽڪس جي شعبي کي صنعت قرار ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئ?? جنهن تي اي سي سي 15 آگسٽ 2024ع تي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئ??. اي سي سي وزيراعظم جي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا خرچ پورا ڪر?? لاءِ 1.679 ارب رپين جي منظوري ڏني، شرط اهو آهي ته اها سبسڊي هلندڙ مالي سال جي لاءِ بجيٽ ۾ شامل ٿئي ۽ ان مُدي کانپوءِ ڪوبه واڌو خرچ نه کنيو وڃي. واپار واري وزارت ايڇ سي ايف سي-141 بي ۽ ايڇ سي ايف سي-142 بي سان مليل پوليول جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪر?? جي تجويز پيش ڪئ??. اي سي سي ان پابنديءَ جي منظوري ڏني جيڪا جنوري 2025ع جي آخر کان هوندي.