اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچس??ان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي س??هي ٿي، بلوچس??ان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراع??ون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچس??ان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچس??ان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هداي??ون ڏنيون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچس??ان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچس??ان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.